عالم الوفود

عالم الوفود: تبوڪ جي غزوي (جنگ) کانپوءِ سڄي عربستان ۾ دين حق جون پاڙون مضبوط ۽ مستحڪم ٿي چڪيون هيون. عرب جا اهي ماڻهو جيڪي اڃا شرڪ جي گند ۾ ڦاٿا پيا هئا، سي سوچ ۾ پئجي ويا. رومين جي جان بچائي ڀڄڻ به عربن تي گهرا اثر ڇڏيا. ان کانپوءِ حضور نبي ڪريم صه جن جي حڪم سان بت ‘لات’ کي به حضرت مغيره بن شعبه رضه ڀڃي ڀورا ڪري ڇڏيو. طائف وارن به نيٺ هار مڃي سچي دل سان اسلام قبول ڪيو ۽ انهن سڀني ڳالهين جو اثر هر شخص تي ٿيو ۽ هو اسلام قبولڻ لاءِ راضي ٿيا. عرب جي ڏکڻ طرف جا باقي رهيل غير مسلم به اسلام قبولڻ لاءِ تيار هئا. ان ڪري هر طرف کان انهن اسلام جي پياسن جا وفد مديني شريف پهچڻ لڳا، جيئن اهي پاڻ ڪريمن صه جن جي فرمانبرداري ۾ داخل ٿي دين اسلام قبول ڪري سگهن. اهڙيءَ طرح انهن وفدن جي آمد جو سلسلو ڪيترن مهينن تائين جاري رهيو. ايستائين جو حج جا ڏينهن اچي ويا. انهيءَ سال جيئن ته پروانن وانگر ماڻهن جا وفد اسلام ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڇڪجي اچي رهيا هئا. ان ڪري ان سال کي ‘عام الوفود’ (وفدن اچڻ جو سال) جي نالي سان مشهوري ملي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو